مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ پورهيتن لاءِ سيفٽي ڪائونسل ٺهندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ پورهيتن جي حفاظت لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ لاءِ قانون سازي تي ڪم ٿي رهيو آهي. سينئر وزير نثار کهڙو پورهئي وارن هنڌن تي ڪم ڪندڙ  مزدورن جي تحفظ ۽ صحتمند ماحول لاءِ بل پيش ڪيو. جنهن جي ايوان طرفان منظوري ڏني وئي. بل جو مقصد اهو آهي ته پورهيتن جي تحفظ لاءِ ڪارخانن ،دڪانن ،شاپنگ مالن ۽ شادي هالن ۾ صحت توڙي حفاظتي اپاءُ ورتا ويندا. ليبر کاتن جي نگراني هيٺ سيفٽي ۽ هيلٿ ڪائونسل جي منظوري ڏني.  هن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ  لاءِ  اڍائي لک ڏنڊ ۽ قيد جي سزا مقرر ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ٻارن جي فيڪٽري ۾ ملازمت تي به بندش هوندي ۽ سگريٽ پيئڻ لاءِ الڳ جاءِ مقرر ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي. هن بل جي اچڻ کانپوءِ ڪاروباري هنڌن لاءِ اهو ضروري آهي ته اهڙن هنڌن تي باهه وسائڻ جو جوڳو انتظام هجڻ گهرجي وڏن شادي  هالن ، شاپنگ مالن ۽ فيڪٽرين لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجون فائر برگيڊ گاڏيون رکن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو