مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

40 سالن کان وڏي عورتن کي ڇاتي جي سرطان جو ٽيسٽ ڪرائڻ ضروري قرار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج پاران ڪوٺايل ڇاتي جي سرطان جو جاڳرتا جي لاءِ ڪانفرنس ۾ ماهرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 40 سالن کان وڏي عمر وارين عورتن کي ڇاتي جي سرطان جو ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته آفريڪا ۾ هن مسئلي تي WHO پاران جيڪي قدم کنيا ويا ساڳيا ئي قدم ملڪ ۾ به کڻڻ گهرجن ته جيئن هن مسئلي کان بچي سگهجي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ماهرن اهو به ٻڌايو ته صرف ڪراچي ۾ 40000 عورتون هن بيماري ۾ مبتلا آهن هنن اهو به چيو ته هي بيماري پوري دنيا ۾ تمام تيزي سان وڌي رهي آهي ان ڪري هر عورت کي ان جو ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي. هن بيماري سبب هر سال 40000 عورتون اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. ماهرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جيڪڏهن هن بيماري تي شروعاتي دور ۾ ضابطو آندو وڃي ته ان جو 100 سيڪڙو علاج ممڪن ٿي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو