مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڻيءَ جي گهٽتائي سبب خريف جي پوک متاثر ٿيڻ جو خطرو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ملڪ اندر پاڻي جي گهٽتائي کي ڏسندي ايريگيشن جي ماهرن چيو آهي ته هن دفعي پنجن سالن کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ خريف جي فصل کي پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو. ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڻي جي گهٽتائي ايندڙ ڏينهن ۾ 52 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي. اڱاري جي ڏينهن ارسا جي هڪ تڪڙي ڪوٺايل ميٽنگ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته گذريل هفتي پاڻي جي کوٽ 42 سيڪڙو رهي آهي جيڪا اڳ ۾ لڳايل اندازي مطابق 31 کان وڌي وئي آهي. هن وقت ارسا جو چوڻ آهي ته صوبن کي پنهنجي پاڻي جي حصي مان گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو. واضح رهي ته گذريل پنجن سالن ۾ ملڪ اندر پاڻي جي صورتحال مستحڪم رهي آهي جنهن جي ڪري ڪنهن به فصل کي خراب صورتحال کي منهن ڏيڻو نه پيو آهي. ارسا جي چيئرمين چيو آهي ته اسان هن کوٽ جو اندازو لڳايو هو ته اهو 31 سيڪڙو ٿيندو پر اهو ته 42 سيڪڙو ٿي ويو آهي. هن صورتحال ۾ سڀني صوبن کي پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو. واضح رهي ته خريف جو موسم جون کان شروع ٿيندو جيڪو آڪٽوبر يا وڌ ۾ وڌ ڊسمبر ۾ ختم ٿي ويندو. چانور، ڪمند، ڪپهه هن موسم جا اهم فصل آهن.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو