مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪينجهر ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ سان ٺٽي ۽ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو اڀرڻ جو خطرو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪينجهر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح گهٽجڻ سان ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٿيڻ جو شديد خطرو ٻڌايو ويو آهي. پڇڙي جو علائقو ٺٽو اڳ ۾ ئي ڏڪار جهڙي صورتحال مان گذري رهيو آهي. تازي صورتحال ۾ ڪينجهر جي سطح هيٺ ٿيڻ کانپوءِ ٺٽي جي ٻين علائقن ۾ به پاڻي جي کوٽ جو انديشو ٿي پيو آهي. ڪينجهر ۾ هن وقت پاڻي جي سطح RL 46 آهي جيڪا RL 56 هجڻ گهرجي، جيئن ڪراچي ڏانهن پاڻي مناسب سپلاءِ ۾ وڃي سگهي. سطح 46 RL تي اچڻ سبب موجوده سپلاءِ به متاثر ٿي آهي. ٺٽو 7 مهينن کان پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي منهن ڏيئي رهيو آهي. تنهن هوندي به ان عرصي ۾ پاڻي جي سطح ان حد تائين گهٽ نه ٿي هئي. ياد رهي ته ٺٽي ضلعي ۾ 7 لک ايڪڙ زرعي زمين آهي ۽ تازي پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ سان هن علائقي جي فصلن کي به نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو