مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

2017 جنگين ۾ فاٿل ملڪن اندر ٻارڙن لاءِ زندگي تنگ رهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري يونيسيف مطابق سال 2017 جنگين ۾ فاٿل ملڪن ۾ ٻارن جي زندگي جهنم بڻي رهي.يونيسيف پاران چيو ويو آهي ته اهڙن ملڪن ۾ قابض قوتن پاران ٻارن ۽ ڪمزور ماڻهن لاءِ ٺهيل قانونن کي وڏي سختي سان ٽوڙيو ويو آهي. يونيسيف جي هنگامي پروگرامز جي ڊائريڪٽر مانوئل فونٽين چيو  ته ٻارن کي انهن جي گهرن ۾ اسڪولن ۾ راند  جي ميدانن ۾ بي رحم تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.فونٽين چيو ته اهڙن حملن تان منهن نه ٿو موڙي سگهجي ۽ نه ئي اهڙي بي دردي کي قبول ڪري سگهجي ٿو. هن وقت دنيا ۾ شام يمن نائيجيريا ميانمار اهڙن ملڪن مان آهن. جتي ٻارن کي انساني ڍال جي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي.ان کان علاوه ڪٿي ڪٿي ته انهن جو قتل عا م به ڪيو پيو وڃي.ان کان علاوه انهن جون زبردستي جون شاديون ڪرايون پيون وڃن  ۽ کين  جبري پورهيو به ڪرايو پيو وڃي. تنهن سان گڏ  جنگ سٽيل علائقن ۾ ٻارن لاءِ خوراڪ جي ڪمي به هڪ مسئلو بڻي رهي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو