مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪي اداري طرفان سنڌ حڪومت کي اڍائي لک سرنجون ڏيڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي اداري يو ايس ايڊ پاران سنڌ حڪومت جي ٽائيفائيڊ پروگرام لاءِ اڍائي لک سرنجون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت پاران هن اداري کان سهڪار جي درخواست ڪئي وئي هئي. هي سرنجون حيدرآباد جي علائقن قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ ٽائيفائيڊ خلاف مهم ۾ استعمال ٿينديون. هن ڏس ۾ آمريڪي اداري جي ڊائريڪٽر چيو ته آمريڪي ادارو سنڌ حڪومت سان سهڪار جاري رکندو، هن چيو ته هي ادارو گذريل پنجن سالن کان سنڌ حڪومت سان گڏجي صحت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته يو ايس ايڊ پاران 5 سالن ۾ 94 لک عورتن ۽ نون ڄاول ٻارن لاءِ دوائون مهيا ڪيون آهن. ان کان علاوه 50 هزار ماڻهن جي صحت جي پروگرامن ۾ تربيت به ڪئي آهي. ان کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ خانداني منصوبا بندي جي پروگرامن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو