مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان نون ڄاول ٻارن لاءِ هڪ خطرناڪ ملڪ آهي: يونيسيف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گڏيل قومي اداري پاران ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري يونيسيف هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان نون ڄاول ٻارن لاءِ هڪ خطرناڪ ملڪ آهي جنهن ۾ هڪ هزار ٻارن مان 46 ٻار زندگي جو پهريون مهينو به مڪمل نٿا ڪري سگهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ٻارن جي بچاءَ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. واضح رهي ته رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان پاران هن ڏس ۾ جيڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي اها هن وقت به ناڪافي آهي. اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ اندر هر سال 26 لک ٻار پيدا ٿيڻ کانپوءِ پهرين مهيني ۾ ئي مري وڃن ٿا، جنهن مان ڏهه لک ٻار ته پيدا ٿيڻ واري ڏينهن تي ئي مري وڃن ٿا، اهو هڪ الميو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ٻارن مان هڪ وڏي تعداد کي بچائي سگهجي ٿو. هنن ٻارن مان اڪثريت اهڙن ٻارن جي آهي جيڪي وقت کان اڳ پيدا ٿين ٿا. ان کان علاوه باقي ٻار پيدائش مهل ڪنهن انفيڪشن جهڙوڪ سيپسز، هيپاٽائيٽس ۽ نمونيا سبب مري وڃن ٿا. هنن ٻارن جي جان بچائڻ لاءِ ڪا هڪ دوا ڪافي نه آهي پر انهن لاءِ هڪ مڪمل سرشتي جي ضرورت آهي. جنهن سان انهن جي جان بچائي سگهجي ٿي. جنهن ۾ ٻار جي جان بچائڻ لاءِ والدين جي آمدني هڪ خاص سبب آهي. واضح رهي ته امير ملڪن ۾ اهڙن موتن جو تعداد هڪ هزار مان صرف 3 آهي، جنهن جي مقابلي ۾ گهٽ آمدني وارن ملڪ اندر اهڙن موتن جو تعداد 27 آهي. يونيسيف پاران چيو ويو آهي ته جيڪڏهن 2030 تائين اهڙين فوتگين جو تعداد گهٽائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي ته ڪل ڏيڍ ڪروڙ ٻارن جي جان بچائي سگهجي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو