مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪي ڪمپني بجلي سان هلندڙ ٽرڪ ايجاد ڪري ورتي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مشهور آمريڪي ڪار ڪمپني ٽيسلا جيڪا صرف بجلي سان هلندڙ ڪارون تيار ڪندي آهي ان هن دفعي بجلي سان هلندڙ ٽرڪ ڊيزل ٽرڪن لاءِ هڪ چئلينج هوندو. ڪمپني چيو آهي ته اها ٽرڪ هڪ دفعو چارج ڪرڻ ۾ 500 ڪلو ميٽر تائين سفر ڪري سگهندي. هن ٽرڪ ۾ اها خوبي آهي ته اها 36 هزار ڪلو گرام تائين وزن کڻي سگهندي. ان کان علاوه اهو به چيو آهي ته ته ان ٽرڪ جو بريڪ 10 لک ڪلو ميٽر هلڻ تائين فيل نه ٿيندو. ٽرڪ ۾ ڊرائيور جي ڪيبن کي جديد انداز سان ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ڊرائيور بلڪل وچ ۾ سيٽ تي ويهندو. جنهن لاءِ وري جديد ٽچ اسڪرينون لڳايون ويون آهن جيڪي آئينن جو ڪم پڻ ڪنديون. هي ٽرڪ ايندڙ ٻن سالن ۾ مارڪيٽ ۾ وڪامجڻ لاءِ موجود هوندي. هن وقت دنيا ۾ ڪٿي به بجلي سان هلندڙ ٽرڪون ڪونه ڪم ڪري رهيون آهن ۽ جيڪي ٽرڪون آهن سي به ڊيزل تي هلنديون آهن. مستقبل ۾ هي به هڪ خاص طريقو هوندو جو ماحولياتي گدلاڻ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو