مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سپريم ڪورٽ پي آءِ اي جي جهازن تي مار خور جي تصوير پينٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پي آءِ اي طرفان جهازن تي قومي جهنڊي کي هٽائي مار خور جي تصوير لڳائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس سوال ڪيو ته جهازن تي قومي جهنڊي کي هٽائي مار خور جي تصوير ڇو هنئي وئي آهي ۽ هڪ جهاز جي پينٽنگ تي ڪيترو خرچ ايندو. جنهن جي جواب ۾ ايم ڊي، پي آءِ اي چيو ته مار خور هڪ قومي جانور آهي جنهن ڪري ان جي تصوير پينٽ ڪرائي رهيا آهيون. هڪ جهاز تي 27 لک رپيا خرچ اچي رهيو آهي. هونئن به هر چئن سالن  کانپوءِ هر جهاز کي ٻيهر پينٽ ڪرايو ويندو آهي، جنهن جي جواب ۾ چيف جسٽس چيو ته هڪ جهاز تي ايندڙ خرچ 27 لک نه پر 34 لک اچي رهيو آهي. پي آءِ اي کي ته بيل آئوٽ پئڪيج ڏنو ويو آهي جيڪو ان جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجي نه ڪي اجايو ضايع ڪرڻ لاءِ آهي اهو ڪم بند ٿيڻ گهرجي، جنهن جي جواب ۾ ايم ڊي چيو ته في الحال  هڪ جهاز تي پينٽ ڪرايو آهي باقي جهازن تي پينٽ نٿا ڪرايون. هن ٻڌڻي مهل ايئر بلو جي حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن ۾ 50 لک في متاثر جا چيڪ ورهايا ويا.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو