مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايس ٽي پي لسٽ کان ٻاهر هئڻ باوجود چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايس ٽي پي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته هو آصف علي زرداري خلاف ايندڙ چونڊن ۾ بيهندو ۽ ان کي هارائيندو. هن چيو ته مان نوابشاهه کان آصف زرداري خلاف چونڊن ۾ حصو وٺندس. ان کان علاوه قاسم آباد ۾ تڪ PS-62 تي به بيهندس جيڪو منهنجو پنهنجو تڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايس ٽي پي جا اميدوار سڄي ملڪ ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندا. واضح رهي ته ايس ٽي پي کي اليڪشن ڪميشن پاران ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي. جنهن جو سبب ايس ٽي پاران اليڪشن ڪميشن سان وقت تي خط و ڪتابت ڪري جواب  نه ڏيڻ آهي. هن معاملي بابت ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اها اسان جي غلطي آهي ته اسان وقت تي خط و ڪتابت نه ڪئي پر ان هوندي به اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جي پارٽي کي ڊي لسٽ ڪيو آهي پر اسان ان کي وري لسٽ تي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان ٽي. وي جي نشان جي گهر به ڪنداسين. هن چيو ته آصف زرداري پنهنجي ڪرپٽ پاليسين ذريعي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان انهن سڀني جاگيردارن خلاف بيهنداسين جن سنڌ کي پنهنجي رياست بڻائي ڇڏيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو