مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سڄي ملڪ ۾ پناهه گاهون پکيڙينداسين، وزيراعظم عمران خان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان سان تازو ئي مقرر ڪيل پناهه گاهن واري فوڪل پرسن نسيم الرحمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان بي سهارا، غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهن کي رياست جي ذميداري قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ پناهه گاهون قائم ڪرڻ لاءِ جامع پروگرام ترتيب ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. آءِ ٽي سيڪٽر جي پکيڙ سان لکن نوجوانن کي روزگار جا موقعا ميسر ٿيندا، پرڏيهي واپار وڌندو. وزير اعظم آءِ ٽي سيڪٽر جي پکيڙ لاءِ تفصيلي روڊ ميپ هڪ هفتي ۾ ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته وزيراعظم سان ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ جي رڪن جهانگير ترين به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو