ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جي اڳڪٿي، ڌنڌ ختم ٿيڻ جي اميد
موسميات کاتي ايندڙ ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. رپورٽ مطابق ايندڙ ڏينهن ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو جيڪو چئني صوبن ۾ پکڙجي ويندو. سومر کان اڱاري تائين پنجاب ۽ ڪي پي ڪي، جي مختلف علائقن ۾ مينهن پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. هن وقت ڌنڌ پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پکڙيل آهي، جنهن سبب ڪيترائي حادثا به ٿي رهيا آهن. جڏهن ته پنجاب حڪومت اسڪولن جي ٽائيم کي اڳتي ڪيو آهي جيئن اهي صبح سوير نه کلي سگهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟