مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ اندر اسڪولي ٻارن جو تعداد گهٽجڻ لڳو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 سنڌ جي تعليم کاتي جي اداري ريفارم سپورٽ يونٽ جي سالياني اسڪول شماري رپورٽ موجب سنڌ صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ گذريل ست سالن دوران شاگردن جي انگ ۾ 1 لک 68 هزار کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي. گرلز اسڪولز ۾ شاگردياڻين جو تعداد پهريون 17 لک 58 هزار 853 هو جيڪو گهٽ ٿي 16 لک 52 هزار 25 بچيو آهي ۽  24 لک 63 هزار 307 هو جيڪو هاڻ وڌي 25 لک 77 هزار 103 ٿي ويو آهي.  تعليم کاتي انگ ۾ گهٽتائي جو سبب غير فعال اسڪولن جي بندش کي قرار ڏنو آهي. ان کان علاوه  تعليمي ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جي باوجود صوبي ۾ 23 هزار اسڪول بجلي کان محروم آهن. سال 2017 ۾ به سنڌ جا هزارين اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن ۽ رپورٽ موجب سنڌ جا 16 هزار 359 اسڪول جي چئوديواري جڏهن ته 15 هزار 478 اسڪولن ۾ باٿ روم کان بغير  ڪم ڪري رهيا آهن. 18 هزار 128 اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي به ميسر نه آهي.گڏيل طور تي شاگردن جو انگ 42 لک 29 هزار 128 ٿي ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 2011ع ۾ پرائمري ايلمنٽري اسيڪنڊري ۽  هائر سيڪنڊري اسڪولن جو ڪل انگ 48 هزارهئو جيڪو گهٽ ٿي 42 هزار وڃي بچيو آهي. گرلز اسڪولن جو انگ 7 هزار هو جيڪو گهٽ ٿي 5 هزار  وڃي بچيو آهي جڏهن ته اسڪولن ۾ شاگردن جو انگ 17 لک 58 هزار 853 هو جيڪو گهٽ ٿي 16 لک 52 هزار 25 بچيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو