مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هاءِ ڪورٽ پاران گٽڪي ۽ مين پڙي جي وڪري خلاف ڪارروائي جو حڪم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ مين پڙي ۽ گٽڪي جي تياري ۽ وڪري بابت داخل ٿيل ٻن ڌار ڌار پٽيشنر کي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي مين پڙي ۽ گٽڪي کي انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏيندي مين پڙي ۽ گٽڪي جي تياري ۽ وڪري خلاف شروع ڪيل ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏيڻ سان گڏوگڏ حڪم ڏنو آهي ته ان سلسلي ۾ جوڳي قانون سازي ڪري. خوراڪ بابت قانون ۾ جوڳي قانون سازي ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ته مين پڙي ۽ گٽڪي جي تياري ۽ وڪري خلاف اهڙي قانون سازي ڪئي وڃي جنهن ۾ مين پڙي ۽ گٽڪي جي تياري قابل دست اندازي پوليس جرم قرار ڏئي ان کي ناقابل ضمانت (پوليس) جرم قرار ڏنو وڃي. جيئن ته ان جي تياري ۽ وڪري ۾ ملوث جوابدار قانون خامين جو فائدو وٺي فوري آزاد نه ٿي سگهن ۽ کين جوڳي سزا اچي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو