مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

صوبائي اسيمبلي پاران سنڌ هندو مئريج ايڪٽ ۾ ترميم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جمعي ڏينهن صوبائي اسيمبلي ۾ سنڌ هندو مئريج ايڪٽ 2016 ۾ ترميم ڪئي وئي جنهن تحت هندو جوڙن کي عليحدگي جو حق ڏنو ويو آهي. ساڳئي وقت عورت ۽ ٻارن جي مالي تحفظ جي ضمانت جو به خيال رکيو ويندو. هي بل سنڌ جي صوبائي اسيمبلي جو هن مدي جو آخري بل آهي جيڪو پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي پارلياماني اڳواڻ نند ڪمار اسيمبلي ۾ پيش ڪيو. نند ڪمار چيو ته هندن جي اڪثريت سنڌ ۾ رهي ٿي ۽ حڪومت کي هن قانون کي به مڪمل ڪري هندو ڪميونٽي کي فائدو ڏيڻ گهرجي. واضح رهي ته هن قسم جي قانون جي غير موجودگي ڪارڻ هندو ماڻهن ۾ عليحدگي جي موقعن تي عدالت پاران جوڳا فيصلا ڪرڻ ۾ مشڪلاتون اينديون رهنديون آهن ۽ اهڙن موقعن تي هندو پنچائت پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪندي آهي. جنهن ۾ عورت ۽ ٻارن جي تحفظ جو خيال نه رکيو ويندو آهي. آپوزيشن پاران هن بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو