مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سپريم ڪورٽ پاران نيب کي نواز خاندان خلاف هلندڙ ريفرنس کي هڪ مهيني اندر اڪلائڻ جو حڪم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ نياڻي ڪئپٽن صفدر خلاف هلندڙ ريفرنس کي هڪ مهيني اندر اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جيڪڏهن نواز شريف ۽ مريم نواز، ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ لنڊن وڃڻ چاهين ٿا ته اهي وڃي سگهن ٿا. نواز شريف عوام ۾ تشهير لاءِ چوي ٿو ته اجازت نٿي ملي. جيڪڏهن اسان کي درخواست ڏئي ته اسان هن کي وڃڻ جي اجازت ڏيئي سگهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ٽنهي ڪيسن جي ٻڌڻي ڇنڇر ڏينهن به ٿيندي ۽ ڪيسن کي جلد اڪلايو ويندو. ڇاڪاڻ ته اهي ڪيس عوام ۽ ملزمن لاءِ مٿي جو سور ٿي ويا آهن. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪس ڪيس ۾ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي نيب کي شريف خاندان خلاف مقدمه درج ڪرڻ ۽ انهن کي ڇهه مهينن ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو