مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سلمان خان جيل اندر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 20 سال اڳ هڪ ڪاري هرڻ کي مارڻ جي الزام هيٺ ڪالهه عدالت پاران پنجن سالن جي سزا ملڻ کانسواءِ سلمان خان ڪالهه رات جوڌپور جي جيل ۾ قيدي نمبر 106 جي طور تي گذاري. جيل اختيارين مطابق سلمان خان کي جيل ۾ به سندس باڊي گارڊ رکڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. جڏهن ته هن پهرين رات جيل ۾ مليل دال ماني نه کاڌي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي کاڌي جي فرمائش ڪئي. سلمان خان جوڌپور جي جيل جي وارڊ نمبر 2 ۾ قيد آهي. پهرين رات هن کي پنهنجي ڪپڙن ۾ گذارڻ جو موقعو ڏنو ويو. جڏهن ته اڄ کان هو قيدين جو لباس پائيندو. جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته سلمان خان کي ملڪ جي خطرناڪ گينگسٽر طرفان ڌمڪيون به ڏنيون ويون آهن جنهن سبب هن کي محفوظ مقام تي منتقل ڪيو ويندو. واضح رهي ته هن ڪيس ۾ سلمان سان گڏ سيف علي خان، تپو ۽ سونالي باندري به ملزمن طور پيش ٿيا پر ثبوت نه هئڻ سبب انهن کي ڪيس مان بري ڪيو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو