مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قرضن کي لاهڻ لاءِ رياستي ادارن جا شيئر وڪڻڻ جي منظوري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نجڪاري ڪميشن بورڊ 2 پاور پلانٽس جي نيلامي ۾ حصو وٺڻ لاءِ 12 فرمن کي پري ڪواليفائيڊ ڪري ڇڏيو ۽ او جي ڊي سي ۽ پي پي ايل جي حصص جي وڪري لاءِ مالياتي صلاحڪار جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي. نجڪاري بورڊ خساري ۾ هلڻ وارين سرڪاري ملڪيتي 27 اثاثن جي کليل نيلامي ذريعي وڪري جي به منظوري ڏني ۽ انهن سمورن اثاثن لاءِ 6.7 ارب رپين جي محفوظ قيمت به مقرر ڪري ڇڏي. مالياتي مشيرن فقط هڪ  جائيداد جي قيمت جو تخمينو 5 ارب رپيا لڳايو آهي جڏهن ته باقي 26 اثاثن جي ماليت 1.7 ارب رپيا ٻڌائي وئي آهي. پاور پلانٽس جي نيلامي ۽ ٻن ڪمپنين جي حصص جي وڪري سان 4 کرب جي لک ڀڳ رقم حاصل ٿيندي جنهن سان بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ ۾ مدد ورتي ويندي. وزيراعظم عمران خان انهن سمورن اثاثن کي عوامي قرضن جي ادائگي ۾ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو جن ۾ 14 ارب رپيا روزانو جي شرح سان اضافو ٿي رهيو آهي.

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو