مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٿر ۾ جانورن ۽ ٻوٽن تي ريسرچ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي فار فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ جي چيئرمين سيد مظفر حسين شاهه ڪالهه سومر جي ڏينهن عمرڪوٽ ۾ 5 ارب رپين جي ريسرچ پروجيڪٽ جو افتتاح ڪيو. جنهن جو مقصد آهي ته ٿر جي علائقي ۾ اتان جي هارين ۽ مالوندن کي نون نسلن جي جانورن ۽ فصلن جي ڄاڻ ملي ته جيئن آبادگار نوان نوان فصل، وڻ ۽ ٻوٽا پوکي پنهنجي معاشي حالت کي بهتر بڻائي سگهن. هن پروجيڪٽ کي (AZRI) ايرڊ زون ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي انڊر ۾ شروع ڪيو ويندو ۽ اڳتي هلي عمرڪوٽ کي هڪ اداري جي صورت ۾ مضبوط ريسرچ سينٽر ۾ تبديل ڪيو ويندو جيڪو مختلف جانورن ۽ فصلن تي ريسرچ ڪندو. هيءُ پروجيڪٽ (PSDP) پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام تحت شروع ڪيو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو