مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

روس سڄي دنيا ۾ايٽمي هٿيارن جي بندش جي حق ۾ آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

روس جي صدر ولاد مير پيوٽن چيو آهي ته هن جي خواهش آهي ته سڄي دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن تي بندش رکي وڃي ۽ اهو ممڪن به آهي جيڪڏهن دنيا اهڙي ڪوشش ڪري ته اهو هڪ ڏينهن حقيقت ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ اڄ اهڙن هٿيارن تي ڪم ٿي رهيو آهي جيڪي ايٽمي هٿيارن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن. ياد رهي ته دنيا جي ائٽمي هٿيارن رکندڙ ملڪيت ۾ روس ٻين نمبر تي آهي. آمريڪا ۽ روس وٽ گڏيل طور تي دنيا جي ايٽمي هٿيارن جو 93 سيڪڙو موجود آهي. سڄي دنيا ۾ هن وقت 14935 ايٽمي هٿيار موجود آهن. هي تعداد 80 جي ڏهاڪي ۾ 70000 هو جيڪو هاڻي گهٽايو ويو آهي. هن وقت 9 ملڪ اهڙا آهن جن وٽ ايٽمي هٿيار موجود آهن. آمريڪا، روس، انگلينڊ، فرانس، چائينا، انڊيا، پاڪستان، اسرائيل ۽ نارٿ ڪوريا تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پيوٽن ايٽمي هٿيارن تان هٿ کڻن جي حق ۾ اڳ ڪڏهن به نه هو پر شايد نارٿ ڪوريا هن کي ڊيڄاري وڌو آهي.

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو