مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اين سي اي جي سنڌي شاگرد جي قتل خلاف احتجاج

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سول سوسائٽي پاران جيڪب آباد ۽ حيدرآباد ۾ اين سي اي جي شاگرد قطب رند جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ مقتول جا گهر ڀاتي ۽ مائٽ به شريڪ ٿيا. احتجاج ڪندڙن پاران انصاف جي گهر ڪئي وئي. جيڪب آباد اندر احتجاج شهيد الهه بخش پارڪ کان شروع ٿيو، جيڪو پريس ڪلب تائين پهتو. احتجاج دوران ٽريفڪ معطل رهي. ان موقعي تي قطب رند جي مائٽن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن خطاب ڪيا، هنن ٻڌايو ته قطب کي تشدد ڪري هن جا هٿ پير لوهه جي سيخن سان ڀڳا ويا، جنهن بعد هن کي ٽي ماڙ کان هيٺ ڪيرايو ويو. هنن لاهور پوليس تي الزام هڻندي چيو ته پوليس پاران نشئي مجرم کي رشوت عيوض آزاد ڪيو ويو آهي. هنن چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته هنن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ مجرمن کي قانون مطابق ڏوهه جي سزا ڏني وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو