مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پ پ کي 41 سالن کانپوءِ تلوار جو نشان ملي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي کي 41 سالن جي قانوني ويڙهه کانپوءِ تلوار جو نشان واپس ملي ويو، پر في الحال پ پ ايندڙ اليڪشن ۾ تير جي نشان سان وڙهندي ته جيئن اهو نشان ڪنهن ٻي پارٽي کي نه ملي وڃي. ياد رهي ته 41 سال اڳ پ پ جو نشان تلوار ئي هو پر اهو ضياءُ الحق جي دور ۾ اليڪشن جي نشانن مان هٽايو ويو هو، پ پ کي تلوار ڏيڻ جو هي فيصلو اليڪشن ڪميشن جي فل بينچ پاران ڪوٺايل اعلان ۾ ڪيو ويو آهي. جنهن جي سربراهي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا ڪئي. تلوار جي نشان لاءِ ڪل چئن پارٽين درخواست ڏني هئي. پ پ کان علاوه پ پ ورڪرز پارٽي جنهن جو اڳواڻ صفدر عباسي آهي، پ پ شهيد ڀٽو جنهن جي اڳواڻ غنويٰ ڀٽو ۽ چوٿين پيپلز موومينٽ آف پاڪستان جنهن جو اڳواڻ ڊاڪٽر تنوير زمان آهي. ان موقعي تي پ پ طرفان ڳالهائيندي نير بخاري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پڻ تلوار جي نشان سان چونڊ ۾ حصو وٺي چڪو آهي. هي اول ۾ پ پ جو نشان جنهن کي لسٽ تان هٽايو ويو آهي ۽ پ پ ورڪرز جو هن سان ڪوبه تعلق نه آهي، هي نشان ته پ پ جو حق آهي. ان موقعي تي صفدر عباسي چيو ته پ پ 88، 90، 93، 97 جون چونڊون تير جي نشان سان وڙهندي رهي آهي. هن وقت عوام جي اندر مونجهارو هلي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پ پ جون ٻه پارٽيون آهن هڪ پ پ جنهن جو چيئرپرسن بلاول آهي ۽ ٻي پ پ پارليامينٽيرين جنهن جو اڳواڻ آصف زرداري آهي. هي ٻئي پارٽيون گڏجي ميٽنگون ڪن ٿيون، بلاول ۽ آصف انهن ميٽنگن ۾ شريڪ رهن ٿا. جنهن بعد پيپلز موومينٽ جي ترجمان چيو ته هنن ٻنهي پارٽين ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي، ان ڪري اهو نشان اسان کي ڏنو وڃي. جنهن بعد اليڪشن ڪميشن ان معاملي تي پنهنجو فيصلو ٻڌايو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو