مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پيٽروليم مصنوعات ۾ 3 کان 6 رپين تائين اضافي جون تياريون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حڪمران جماعت پاران پنهنجو ريوينيو بچائڻ ۽ عالمي مارڪيٽ جي دٻاءُ کي صارفين تائين منتقل ڪرڻ لاءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپين ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپين تائين جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. وزارت خزانا پاران ايڇ ايس ڊي تي 31 سيڪڙو ۽ ٻين مصنوعات تي 17 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس جي ايس ٽي جي بنياد تي قيمتن جي وڌائڻ جي هدايت ڪئي هئي. ان جي باوجود ته حڪومت ايڇ ايس ڊي تي في ليٽر 8 رپيا پيٽرول تي 10 رپيا مٽي جي تيل تي 6 رپيا ۽ ايل ڊي او تي 3 رپيا ليويز ٽيڪس وٺي رهي آهي. آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي فراهم ڪيل تفصيلن موجب موجوده ٽيڪس ريٽ ۽ درآمدي قيمتن جي ڏس ۾ ايڇ ايس ڊي جي في ليٽر قيمت ۾ سراسري 5.02 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول 3.22 رپيا في ليٽر وڌائڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته حڪومت کي هي قيمتون وڌائي 130 ارب رپين جو ريونيو حاصل ڪرڻو آهي.

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو