مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

“امن جا موتي” بين الاقوامي آرٽ ڪانفرنس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايڪسيلينس اينڊ آرٽ ۽ ڊزائين مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو پاران ڪالهه “امن جا موتي” جي عنوان سان ڏينهن جي هڪ وڳي کان ڪانفرسن جو آغاز ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح پاڪستان ۾ اٽليءَ جي ڪائونسل جنرل ۽ وائيس چانسلر ڪيو. نمائش ۾ 60 ملڪن جي مصورن پنهنجو ڪم نمائش لاءِ رکيو آهي. جنهن ۾ آمريڪا، انگلينڊ، اٽلي، روس، بلغاريه، ترڪي، هالينڊ، برازيل، بنگلاديش، عراق، بهاماس، ارجينٽينا، ايران، بيلارس، ڪئناڊا، يونان، هانگ ڪانگ، هنگري، انڊيا، اسپين ۽ انڊونيشيا کانسواءِ به گهڻا ملڪ شامل آهن. هيءَ ٻي بين الاقوامي فنڪارن جي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي آهي. اها هڪ بهترين ڪوشش آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن کان فنڪارن کي هتي گهرايو وڃي ۽ ٻين ملڪن جي ڪانفرنسن ۾ سنڌ مان شاگرد اماڻيا وڃن ته جيئن سندن سوچ ۽ ذهن ۾ وسعت پيدا ٿئي. ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿئي. فن جي ميدان ۾ استعمال ٿيندڙ نيون ٽيڪنيڪس سکندا رهن ۽ بين الاقوامي برادريءَ سان اٿڻ ۽ ويهڻ سان سندن اعتماد به مضبوط ٿئي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو