مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

18 ترميم ڪارڻ ئي صحت جا مسئلا حل ٿي سگهيا آهن: پنجاب حڪومت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

2010 ۾ پاس ٿيل 18 آئيني ترميم کي ملڪ ۾ قانون ٺاهيندڙن پاران تمام گهڻي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو. ڪالهه قومي پارلياماني ڪميٽي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو ڳالهائيندي پنجاب حڪومت جي نمائندي عرفان خالق چيو ته 18 ترميم صحت جي ڏس ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي آهي، جنهن کان اڳ ۾ اسان کي ننڍن معاملن لاءِ به اسلام آباد جا چڪر ڏيڻا پوندا هئا جنهن لاءِ ڪابه موٽ نه ملندي هئي. جڏهن ته 18 ترميم کانپوءِ پنجاب ۾ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ آساني ٿي آهي. جڏهن ته پارلياماني ڪميٽي آڏو پيش ٿيل ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي سي اِي او ڊاڪٽر محمد اسلم چيو ته صوبن کي ان ڳالهه جي اجازت نه هجڻ گهرجي ته اهي دوائن جا لائسنس ڏيئي سگهن ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ملڪي سطح تي ڊريپ Drug Regulatory Authority of Pakistan  جو ادارو موجود آهي، جنهن جي جواب ۾ عرفان خالق چيو ته صوبي ۾ صحت جي معاملي تي انيڪ مسئلا پيدا ٿي چڪا هئا جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوبه ڪم نه ڪيو ويو هو جنهن سبب ئي اسان کي اپاءُ وٺڻا پيا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو