مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان پوسٽ کي خانگائڻ خلاف اپوزيشن متحد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اربع واري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان پوسٽ کي خانگائڻ واري معاملي خلاف پ پ ۽ پي ٽي آءِ متحد ٿي ويا. هن معاملي تي ڳالهائيندي حڪومتي ۽ اپوزيشن جي ميمبرن پاران سخت لفظن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. پي ٽي آءِ جي ميمبرن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي اخبارن ۾ مختلف وفاقي ادارن جي خانگائڻ لاءِ اشتهار شايع ٿيا هئا. جنهن کانپوءِ عوام ۾ هن معاملي تي تمام گهڻي پريشاني پکڙيل آهي. اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته حڪومت کي ڪهڙي ڳالهه جي جلدي آهي جو اها اربين رپيا ڪمائي ڏيندڙ ادارن کي کپائڻ گهري ٿي. پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت پاڪستان پوسٽ کي هڪ مهيني اندر خانگائڻ گهري ٿي، جنهن لاءِ اها ڪنهن به قانوني ضرورت کي پورو ڪرڻ نٿي گهري. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان پوسٽ جي سڄي ملڪ ۾ ڦهليل سوين عمارتن جي آڊٽ به هڪ مهيني ۾ نٿي ڪري سگهجي. پي ٽي آءِ جي ميمبرن پاران اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي کي چيو ويو ته هو هن معاملي کي ڪنهن مناسب ڪميٽي آڏو رکي ته جيئن هن معاملي تي ڳالهايو وڃي. پي ٽي آءِ جي هڪ ميمبر ساجده بيگم چيو ته اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته پي آءِ اي جنهن امارات جي ايئر لائينن کي ٺاهيو اڄ اها پاڻ لوڏن ۾ آهي. ساڳي طرح چين جي هڪ ڪمپني سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته جيئن اربين رپين جي پاڪستان پوسٽ کي به وڪرو ڪيو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو