مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪاروبار ۾ شريڪ عورتن جو معاشي ترقي ۾ حصو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

9 نومبر خميس ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان دا پاڪستان وومين آنٽر پرينيورز نيٽ لانچ ڪيو ويو. نيٽ ورڪ جو مقصد آهي ته عورتن لاءِ هڪ اهڙو پليٽ فارم جوڙيو وڃي جيڪي ڪنهن ڪاروبار يا خدمتن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. ياسمين حيدر هن نيٽ جي صدر به آهي ته اها ئي هن نيٽ ورڪ جي پايو رکندڙ به آهي هن چيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي ڪاروبار جي دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ٿي ويو آهي ۽ ڊجيٽل آنٽر پرنيورشپ جي وسيلي اسان جون عورتون به دنيا جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ڪنٽري ڊائريڪٽر WBG چيو ته گذريل ٽن سالن کان پاڪستان مئڪرو اڪنامڪس ۾ پنهنجا پير پختا ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ متعين آسٽريلين هاءِ ڪمشنر مارگريٽ ايڊمسن چيو ته آسٽريليا پاڪستان جي خطي اندر ٿيندڙ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي پاڪستان ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ پاليسي پروگرام تحت هميشه پٺڀرائي ڪندو. مهمان خصوصي پنهنجي تقرير ۾ تعليم ذريعي عورتن جي معاشي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ، معاشي طور با اختيار ٿيڻ ۽ ننڍن ننڍن ڪاروبارن لاءِ اڳتي اچڻ تي زور ڏنو. (ڊان جي ٿورن سان).

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو