مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

غربت سبب مهاڻا ڪمين جي اسمگلنگ ڪرڻ تي مجبور

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي ساحلي پٽي جا مهاڻا غربت سبب ڪمين جي اسمگلنگ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هن قسم جي ڪاروبار لاءِ صاف پاڻي ۾ رهندڙ ڪميون ۽ انهن جا عضوا اسمگل ڪيا وڃن ٿا. هڪ پرڏيهي اداري ۽ سنڌ وائلڊ لائف جي گڏيل سروي مطابق اهو ڪاروبار ٺٽو، سجاول، سانگهڙ، نوابشاهه، بدين ۽ ڪراچي ۾ ڪيو ٿو وڃي. هن قسم جي ڪمين جي گهرج چين ۾ تمام گهڻي آهي. رپورٽ مطابق 2014 ۾ ڪل 447 ڪميون هٿ ڪيون ويون هيون جن کي چين موڪلڻو هو جنهن بعد انهن کي پاڻيءَ ۾ آزاد ڇڏيو ويو هو. جڏهن ته 2015 ۾ 4342 ڪمين جا عضوا ڪراچي ايئرپورٽ تي هٿ ڪيا ويا هئا. جڏهن ته گذريل سال 31 مئل ڪميون هٿ ڪيون ويون هيون.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو