مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 پاڪستان طالبان تي جنگ بندي لاءِ زور وجهڻ لڳو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي حڪومت طالبان کي چيو آهي ته اهو اعلانيل يا غير اعلانيل جنگ بندي ڪندي ٻيهر ڳالهيون شروع ڪري. آمريڪا پاڪستان سان اتفاق ڪندي چيو آهي ته طالبان جنگ کي بند ڪرڻ جو يقين ڏياري ته اها ڳالهين لاءِ تيار آهي. ياد رهي ته آگسٽ جي مهيني ۾ آمريڪا جي خاص نمائندي ۽ طالبان وچ ۾ امن معاهدو ٿي چڪو هو صدر ٽرمپ طالبان کي ڪئمپ ڊيوڊ ۾ اچڻ جي دعوت به ڏني هئي. جڏهن ته ٽرمپ انتطاميه جي ڪجهه ميمبرن ان کي سرينڊر قرار ڏيندي ان کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. ٻئي طرف ٽرمپ انتظاميه معاهدي ۾ سيز فائر جو لفظ استعمال ڪيو هو ۽ هن جي خواهش هئي ته جنگ بندي ٿي وڃي. جڏهن ته طالبان ان کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ آمريڪي صدر امن عمل کي ڊيڊ قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن ڪرائڻ تي زور ڀريندو رهيو ۽ هاڻي هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان طالبان کي چيو آهي ته اهي ڳالهيون شروع ڪن ۽ جنگ بندي يا تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي آڻين.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو