مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

کورواهه ڀرسان تيل ۽ گئس جو وڌيڪ هڪ ذخيرو مليو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

کورواهه ڀرسان تيل ۽ گئس جو وڌيڪ هڪ کوهه هٿ آيو آهي. علائقي ۾ کوهن جو انگ 13 ٿي ويو آهي. مقامي ماڻهن کي ڪابه سهولت نه ملي سگهي. خبر موجب ڳوٺ درگاهه ملا حسن ڀرسان هڪ وڌيڪ کوهه ملڻ کان اڳ 12 ذخيرا موجود آهن. اڳ ۾ موجود ذخيرن مان سالن کان تيل ۽ گئس جي اپت حاصل ٿئي ٿي، پر قدرتي وسيلن سان مالا مال ڳوٺ ملا حسن لاءِ تيل ۽ گئس جا ذخيرا بي لاڀ بڻيل آهن. ان ڳوٺ ۾ تاريخي ماڳ به موجود آهن. ڳوٺ مان نڪرندڙ گئس وڏن شهرن ۾ ٻري ٿي پر مقامي ڳوٺاڻا سهولت کان محروم آهن. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ کي رائلٽي ۽ پروڊڪشن بونس مان پاڻي، اسپتال ۽ روڊ جهڙين سهولتن ۽ موجود تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو