مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پولنگ دوران جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو قتل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سڄي ملڪ اندر پولنگ جو عمل شروع ٿيندي ئي مختلف علائقن مان جهيڙن جون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. صوابي اندر ڪرنل شير علي پولنگ اسٽيشن ٻاهران ٻه اميدوارن جي حامين وچ ۾ ٿيل جهيڙو قتل ۾ تبديل ٿي ويو. ٻنهي طرفن کان ڪيل فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف خيبر جي گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول پيروخيل ۾ پولنگ ايجنٽن جي وچ جهيڙي سبب پولنگ جو عمل عارضي طور تي روڪيو ويو. ڪراچي جي تڪ اين اي- 246 لياري بهار ڪالوني ۾ هڪ مشڪوڪ شخص پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس هڪدم ايڪشن کڻي کيس سوگهو ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو