مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ريلوي کان وڌيڪ ڪرپٽ پاڪستان ۾ ڪو ادارو نه آهي: چيف جسٽس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ريلوي خساري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ وزير ريلوي شيخ رشيد احمد، سيڪريٽري ريلوي ۽ سي او ريلوي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ريلوي سان لاڳاپيل آڊٽ رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ريلوي وزارت وٺڻ واري کي پهرين پاڻ ٽرين تي سفر ڪرڻ گهرجي. توهان جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ هجڻ بجاءِ مينوئل آهي، ريلوي ۾ ڪابه شيءِ صحيح نموني ۾ نه پئي ٿئي، ان کان وڌيڪ ڪرپٽ پاڪستان ۾ ڪو ادارو ڪونهي اسٽيشن صحيح آهن نه ٽريڪ ۽ نه ئي سگنل، ريل تي سفر ڪرڻ وارو هر فرد خطري ۾ سفر ڪري رهيو آهي. ٽرينن ۾  نه مسافر آهن، نه مال گاڏيون هلي رهيون آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ريلوي جو نظام هلي ئي ڪونه  پيو ۽ رپورٽ واضح ڪيو آهي ته اداري کي اربين رپين جو خسارو ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سڄو ريلوي کاتو سياست ۾ پيل آهي، اڄ به اسين پاڪستان ۾ ارڙهين صديءَ جي ريل هلائي رهيا آهيون، جڏهن ته دنيا بلٽ ٽرين هلائي وڌيڪ اڳيان وڃي رهي آهي، ريلوي ۾ جيڪا باهه لڳي هئي ان معاملي جو ڇا ٿيو؟ ريلوي جي وڪيل ٻڌايو ته معاملي تي انڪوائري ٿي ۽ ٻن ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ٿي آهي. چيف جسٽس سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پنهنجي ڪارروائي کي باهه ۾ وجهو ، ريلوي جو سي او عدالت ۾ پيش ڇو نه ٿيو؟

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو