مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 کاري پاڻي کي مٺو ٺاهڻ وارو فلٽر تيار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سڄي دنيا ۾ سمنڊ جي پاڻي کي مٺو بنائڻ لاءِ مختلف طريقا ايجاد ٿي چڪا آهن. جڏهن ته انهن ۾ تبديلي ۽ بهتري آندي ويندي آهي. هن وقت آمريڪا جي اسٽيٽ نيو جرسي جي پرنسٽن يونيورسٽي جي ماهر جيسن رين چيو آهي ته سمنڊ جي پاڻيءَ کي پيئڻ لائق بنائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ روايتي طريقن ۾ وڏي سسٽم ۽ توانائي جي گهڻي گهرج ٿيندي آهي. جڏهن ته هڪ تحقيق ۾ آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ خاص وڻ بيس ووڊ جي ڪاٺ سان ٺهندڙ فلٽر اهو ڪم وڏي آساني سان ڪري سگهي ٿو. جيسن رين مطابق ان ڪاٺ ۾ سنها سوراخ ٿيندا آهن جن مان نمڪين پاڻي گذارڻ جي صورت ۾ پاڻي ته گذري وڃي ٿو جڏهن ته لوڻياٺ ان ڪاٺ ۾ رڪجي وڃي ٿي. جيسن رين جي ٽيم هڪ مخصوص ڪيميائي عمل ذريعي ڪاٺ کي بهتر بڻايو آهي. جنهن سان هن ڪاٺ کي هڪ سٺو فلٽر بڻايو ويو آهي. جيڪو هڪ ڪلاڪ ۾ 20 ليٽر پاڻي فلٽر ڪري سگهي ٿو.  

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو