مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نيپرا پاران بجلي 3 رپيا 24 پئسا سستي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيپرا فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ 3 رپيا 24 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيشنل ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان درخواست جي ٻڌڻي ٿي جيڪا چيئرمين نيپرا طارق سدوزئي جي صدارت هيٺ ڪئي وئي.

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان داخل درخواست ۾ فيول ايڊجسٽمينت جي مد ۾ في يونٽ 2 رپيا 92 پئسا سستي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. جڏهن ته نيپرا چيئرمين جنوري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي في يونٽ 3 رپيا 24 پئسا  سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

واضح رهي ته نيپرا جي لاڳو ڪيل هيءَ قيمت ڪراچي جي ماڻهن لاءِ نه آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو