مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جنهن کي ايون فيلڊ ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي، ٻنهي جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ اچي ويا آهن، ٻئي ڄڻا هن مهل لنڊن ۾ آهن جتي نواز شريف جي گهرواري علاج لاءِ ترسيل آهي. نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز 13 جولاءِ تي واپس اچڻ جو اعلان پڻ ڪري چڪا آهن. ياد رهي ته گذريل فيبروري، جون ۽ جولاءِ ۾ نيب پاران منسٽري کي خط لکيا ويا ته هنن ٻنهي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن پر اهو فيصلو اڄ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته اي سي ايل ۾ نالو اچڻ بعد جڏهن نواز شريف ۽ مريم نواز ملڪ واپس ايندا ته اميگريشن پروسيس دوران ئي کين گرفتار ڪيو ويندو، جنهن بعد ٻنهي کي جيل منتقل ڪيو ويندو. جنهن لاءِ نيب پاران منسٽري کان هيلي ڪاپٽر به گهرايو ويو آهي، جنهن جي مدد سان ٻنهي کي جيل منتقل ڪيو وڃي ۽ ان دوران ڪابه رڪاوٽ وچ ۾ نه اچي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو