مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نادرا 370,000 افغان مهاجرن کي شناختي ڪارڊ نه ڏيئي سگهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حڪومت پاران افغان مهاجرن جي رجسٽريشن کي لازمي قرار ڏيڻ بعد نادرا پاران 370,000 افغان مهاجرن کي رجسٽر نه ڪيو ويو هو پر انهن جا شناختي ڪارڊ اڃا تائين به پرنٽ ڪري نه سگهيا آهن. افغان مهاجرين کي رجسٽر ڪرڻ جو عمل آگسٽ 2010 کان شروع ٿيو هو جنهن ۾ 10 لک افغان مهاجرن جي رجسٽريشن ڪرائي وئي جنهن ۾ هن وقت تائين 370,000 مهاجرن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. ياد رهي ته پاڪستان حڪومت افغان مهاجرن کي اهڙا ڪارڊ ڏيئي رهي آهي جنهن ۾ اهي ملڪ اندر قانوني حيثيت ۾ وڏي عرصي تائين رهي ته سگهن ٿا پر اهي ملڪ ۾ شهري حيثيت حاصل ڪري نه سگهندا. افغان مهاجرن جي هن رجسٽريشن تي حڪومت پاران 17.59 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ ملڪ ۾ 21 رجسٽريشن سينٽر به ٺاهيا ويا آهن. هڪ اندازي مطابق ملڪ ۾ هن وقت 13 لک افغاني رهي رهيا آهن جيڪي هن سال ڊسمبر جي 31 تاريخ کانپوءِ جيڪڏهن انهن اهي ڪارڊ حاصل نه ڪيا ته پنهنجي قانوني حيثيت وڃائي ويهندا. ان کان علاوه چار لک افغاني پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن جيڪو عمل هاڻي افغانستان ۾ جنگ جي صورتحال ۾ سست ٿي ويندو. هن وقت يو اين ايجنسي هر افغاني خاندان کي 200 ڊالر ڏيئي رهي آهي ته جيئن هو ملڪ واپس وڃڻ لاءِ خرچ پکو ڪري سگهن.   

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو