مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ چين جي ڪائونسل خاني تي دهشتگردن جو حملو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ موجود چين جي ڪائونسل خاني تي دهشتگردن پاران حملي جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. حملو ڪندڙن پاران فائرنگ ڪرڻ کان علاوه گرينيڊ جو استعمال به ڪيو ويو. چين جي ڪائونسل خاني ۾ موجود سيڪيورٽي اهلڪارن پاران جوابي فائرنگ ڪئي وئي. جننهن جي نتيجي ۾ ٽي دهشت گرد مارجي ويا. حملي بعد ريسڪيو ٽيمون ڪائونسل خاني پهچي ويون ۽ علائقي کي مڪمل طور تي سِيل ڪري ڇڏيو. ڊي آءِ جي سائوٿ جاويد اوٺو مطابق حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿيو آهي ۽ ملزمن جي تعداد 3 کان وڌيڪ هئي. جن وٽ دستي بم ۽ ٻيا هٿيار به هئا. موقعي تي موجود ماڻهن پاران ٻڌايو ويو آهي ته چار ڄڻن ڪائونسل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد ڌماڪو ۽ فائرنگ جو آواز ٻڌو ويو. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيني قونصليٽ ۾ فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. جنهن کان علاوه وڏي وزير چين جي قونصل خاني ۾ موجود قونصل جنرل سان به فون تي رابطو ڪيو ۽ خيريت دريافت ڪئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو