مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ اندر 20 هزارايڪڙن تي وڻ لڳايا ويندا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ ٻيلي کاتي جي خالي پيل 20 هزار ايڪڙ زمين تي وڻ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن عمل سان نه صرف حيدرآباد ۽ ڪراچي وچ ۾ ماحوليات کي فائدو پهچندو، پر ساڳئي وقت صوبي اندر جهنگلي ايراضي ۾ به اضافو ايندو. هن موقعي تي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي عهديدار چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ سنڌ اندر فاريسٽ ڊپارٽمينٽ 175000 ايڪڙن تي ٻج پوکيا آهن. ان کان علاوه اسان جي اداري 2009 اندر هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻج پوکي ورلڊ رڪارڊ ٺاهيو هو جنهن بعد 2013   ان ورڊ رڪارڊ کي ٽوڙيو هو. هن موقعي تي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي عهديدار ڳالهائيندي ٻڌايو ته اداري 7 لک ٻوٽن جا ٻج تياري ڪيا آهن جيڪي پڻ يا ته اداري پاران پوکيا ويندا يا عوام جي لاءِ نرسرين ۾ رکيا ويندا ته جيئن اهي خريد ڪري سگهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو