مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي اندر اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿي ويو: وڏو وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وڏي وزير پاران قائداعظم جي ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتراف ڪندي چيو ته ڪراچي اندر اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي، جنهن جو سبب چونڊن دوران عبوري حڪومت جو ڌيان چونڊن تي هو ۽ امن امان جي معاملن تي ڌيان نه ڏنو ويو. هن وڌيڪ چيو ته محرم بعد اهڙيون پاليسيون ٺاهينداسين جنهن سان اهڙن ڏوهن تي قابو آڻي سگهجي. بلديا سانحي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان واقعي ۾ انسانيت سان ظلم ڪيو ويو هو ۽ ان جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته هر صورت ۾ ملڪ جي آئين تي هلڻو آهي. ملڪ ۽ صوبي کي ترقي ڏيارڻي آهي ۽ سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻو آهي.  

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو