مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

NICVD وڌيڪ 10 سينٽر کوليندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

NICVD   جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر چيو آهي ته سنڌ اندرNICVD  جا 10 نوان چيسٽ پين سينٽر کوليا ويندا. ڊاڪٽر نديم وڌيڪ چيو ته هن سال جي آخر تائين صرف ڪراچي اندرNICVD  جا 17 سينٽر ٿي ويندا. ڊاڪٽر نديم هي ڳالهيون ورلڊ فارماسٽس ڊي جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ ڪيون. هن تقريب ۾ ڊاڪٽرن، آيل ماڻهن کي بيماري ۾ دوا جي استعمال بابت آگاهي ڏني. ڊاڪٽر نديم چيو ته نوان سينٽر کلڻ سان مين سينٽر تي مريضن جو بار گهٽجي ويندو ۽ انهن کي بهتر علاج ملي سگهندو. هن وقت سينٽرن ذريعي 5 لک مريضن کي مفت دوائون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب ملڪ ۾ هن وقت هڪ NICVD  ئي اهڙو ادارو آهي جيڪو مريضن کي مفت دوائون ڏئي رهيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو