مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مشال ڪيس ۾ سزا يافته 25 ڄڻا ضمانت تي آزاد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پشاور هاءِ ڪورٽ ايبٽ آباد سرڪٽ طرفان مشال ڪيس ۾ سزا يافته 25 ڄڻن کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. هنن 25 ملزمن کي ٽن ٽن سالن تائين جي سزا ٻڌائي وئي هئي، عدالت پاران ٻڌايل هڪ حڪم نامي ۾ سزائن کي معطل ڪندي 25 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. واضح رهي ته مشال کي گذريل سال 13 اپريل تي يونيورسٽي جي اندر هڪ مڇريل گروهه پاران قتل ڪيو ويو هو، هنن مشال تي توهين رسالت جو الزام هڻي کيس قتل ڪيو هو. واضح رهي ته دهشگردي ٽوڙ عدالت پاران مشال خان قتل ڪيس ۾ هڪ ڄڻي کي موت جي سزا، پنج ڄڻن کي 25 سال جي سزا، 25 جوابدارن کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ 26 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو