مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مانجهند ويجهو  قديم آثارن جي دريافت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 

انڊومنٽ فنڊ جي سهڪار سان قديم آثارن بابت ڪم ڪندڙ اداري CDC مانجهند ويجهو قديم آثار ڳولهي لڌا آهن. هي آثار مانجهند کان 8.78 ڪلو ميٽر پري ۽ لاکا ڳوٺ کان 1.37 ڪلو ميٽر پري آهن. هن هنڌ کي:LBOD جي ڪم ڪارڻ ڪجهه نقصان به رسيو آهي. هنن آثارن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي آمري دور سان واسطو رکن ٿا. آثارن ۾ ملندڙ سامان ۾ ڪجهه ٿانوَ، گاڏا، تارازيون، ٽامي جا ٽڪر، بليڊ ۽ ڪجهه ٻيا سامان به لڌايا ويا آهن. ماهرن پاران چيو ويو آهي ته اهي سنڌ سولائيزيشن جي اهم کوجنا آهي. ان کان اڳ ۾ دريا جي کاٻي ڪپ تي جولستان ۽ نارا ريگستان ۾ هڪڙا دور جا آثار مليا هئا ۽ ساڄي ڪپ تي هاڻي آمري دور جا آثار مليا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن جڳهه کي وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي جنهن سان اڃان به وڌيڪ دريافت ممڪن ٿي سگهندي جيڪا سنڌ سولائيزيشن جي باري ۾ نوان باب کوليندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو