مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملير جو صحت مرڪز بجلي ۽ پاڻي کان محروم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حڪومت صحت جي مامري ۾ ڪيتري سنجيده آهي ان جو اندازو ملير ۾ هلندڙ صحت مرڪز جي حالت مان لڳائي سگهجي ٿو. هي صحت مرڪز 1989 ۾ شروع ٿيو هو، جيڪو هن علائقي ۽ ڄامشوري مان ايندڙ مريضن جي لاءِ هڪ اهم سهارو آهي. هي صحت مرڪز پاڻي ۽ بجلي جي سهولت کان محروم آهي، جنهن ڪارڻ دوا کي ٿڌو رکڻ لاءِ مليل بجلي جا سامان به بيڪار پيا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي مرڪز جي هڪ ٽيڪنيشن چيو ته هي صحت مرڪز ويم گهر طور ڪم نٿو ڪري سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صحت مرڪز ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر شمع زرين چيو ته حڪومت جي ساٿ ۽ چوويهه ڪلاڪن جي بجلي جي فراهمي کان بغير هي مرڪز هڪ ويم گهر طور ڪم نٿو ڪري سگهي. صحت مرڪز جي عملي چيو ته بجلي جو ٽرانسفارمر ٻه سال اڳ علائقي جي ماڻهن پاران بل جي ادائگي نه ڪرڻ تي لاٿو ويو هو جنهن ڪارڻ بجلي اڃان بحال نه ڪئي وئي آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو