مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي کي عهدي تان هٽايو ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزارت ۾ نئين تبديلين جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. جنهن مطابق مليحه لوڌي کي ان جي عهدي تان هٽائي هن جي جاءِ تي منير اڪرم کي مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل مطابق مليحه لوڌي سميت ٻين سفيرن کي به انهن جي عهدن تان هٽائي نون عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي. ترجمان مطابق ٽورنٽو ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي قونصل جنرل عمران احمد صديقي کي بنگلاديش ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن کان علاوه نائيجريا ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل کي اومار ۾ سفير طور مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته منير اڪرم پروز مشرف جي دور ۾ به 2002 کان 2008 تائين گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو سفير رهي چڪو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو