مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشمير جو يڪجهتي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان سميت سڄي دينا ۾ رهندڙ پاڪستاني اڄ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي لاءِ ڪشمير يڪجهتي ڏينهن ملهائي رهيا آهن. پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير کي ملائڻ وارين سڀني اهم پُلن تي انساني هٿن جي زنجير ٺاهي وئي. انڊيا پاران مقبوضه ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي ۽ ڪيترن ئي مهينن کان لاڪ ڊائون سبب هلندڙ سال ڪشمير يڪجهتي ڏينهن معمول کان هٽي ملهايو پيو وڃي. ان ڏينهن جي مناسبت سان يادگار ٽپال ٽڪلي جاري ڪئي  وئي آهي. پاڪستان ۾ اڄ عام موڪل آهي ۽ وزارت داخلا مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ڪشمير يڪجهتي ڏينهن جي موقعي تي چئن ئي صوبائي گادي جي هنڌن تي ريلين کي صوبائي وڏا وزير خطاب ڪندا. جڏهن ته هر ضلعي سطح تي ريليون منعقد ڪيون وينديون. ملڪ ۾ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني تقريبن ذريعي ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندا.

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو