مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ جي سياسي ليڊرن فوج ۽ عدالت کي سياست کان پري رهڻ جو چئي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جاويد هاشمي جي ٽن ڪتابن جي تقريب رونمائي جي موقعي تي مسلم ليگ نواز، پ پ، اي اين پي ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن جي عدالت ۽ فوج کي سياست کان دور رهڻ جو چئي ڇڏيو. تقريب ۾ ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته مان ليفٽ ۽ رائيٽ جي سڀني پارٽين کي چوان ٿو ته اهي مذهب کي سياست ۾ پنهنجا ايجنڊا آڻڻ لاءِ استعمال نه ڪن، هن چيو ته ويجهڙائي ۾ ٿيل ڌرڻو آئين جي آرٽيڪل 256 جي خلاف ورزي آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته ڪابه پارٽي پنهنجي پرائيويٽ آرمي نٿي جوڙي سگهي. اي اين پي جي افراسياب خٽڪ چيو ته ماضي ۾ به عدالت ۽ فوج جو سياست ۾ ڪردار رهيو آهي جنهن ڪري هن وقت به اهڙو ڪردار ادا ٿي رهيو آهي. ريلوي جي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته اهڙي ملڪ ۾ جتي اڃان جمهوريت کي پلجڻ  جو موقعو نه مليو آهي اتي ناجائز طريقي سان سياستدانن کي بي عزت نه ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته آخر آرمي چيف يا جج غلط ڇو نٿا ٿي سگهن. صرف سياستدان ئي هميشه غلط ڇو هوندو آهي. جاويد هاشمي جيڪو هميشه فوج جو نقاد رهيو آهي چيو ته  سياستدانن هميشه عدالت جو احترام ڪيو آهي پر جنرلن ان جو احترام نه ڪيو آهي۽  فوج پاڻ سان اتفاق ڪندڙن کي ئي محب وطن چوندي رهي آهي پر اختلاف رکندڙڻ کي غدار ڄاڻائيندي  رهي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو