مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڀنڀور ئي اصل ديبل آهي: اٽلي جا ماهر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڀنڀور 20 هين صدي جي شروعات کان ئي آرڪيالاجي جي ماهرن کي حيران ڪندو رهيو آهي. ماهرن هميشه اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته ڀنڀور ئي اصل ديبل آهي يا نه هن وقت اٽلي ۽ پاڪستان جي ماهرن ڀنڀور ۾ کوٽائي جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن ماهرن ۾ اٽلي جي ماهر ڊاڪٽر ويلريا فيولاني چيو آهي ته اسان 2010 کان هر سال کوٽائي ڪندا رهيا آهيون. جنهن بعد اهو سلسلو کوٽائي جي لائسنس ختم ٿيڻ بعد 2015 ۾ رڪجي ويو. جيڪو ٻيهر 2017 ۾ ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ويلريا ٻڌايو ته اسان هن وقت تائين تمام اهم کوجنائون ڪري چڪا آهيون جنهن ۾ گهر، قبرستان، ٿانوَ، مُردن جا هڏا، تير ۽ ٻيا سامان شامل آهن. هنن کوجنائن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتان جا رهاڪو تمام گهڻو متحرڪ رهيا هئا. ۽ اهي تمام گهڻا مذهبي به هئا. هتي جون مارڪيٽون تمام گهڻيون آباد هيون. جنهن جو ڪاروبار دنيا جي ٻين ملڪن سان به هلندڙ هو. هن دور جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هتان جي انڊسٽري پنهنجي عروج تي هئي هن وقت تائين جي کوجنا مان معلوم ٿئي ٿو ته ڀنڀور اصل ۾ ديبل آهي جڏهن ته ان بابت حتمي اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو