مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسرائيل جي پارليامينٽ ۾ متنازع بل پاس، اقليتي ڪميونٽي جو احتجاج

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسرائيل جي پارليامينٽ پاران هڪ متنازع بل پاس ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سيحوني يهودين کي ئي اسرائيل جو پهريون شهري ڄاڻايو ويو آهي ۽ اسرائيل ۾ رهندڙ عرب جن ۾ مسلمان ۽ يهودي شامل آهن هاڻي ٻئي درجا جا شهري تسليم ڪيا ويندا. ياد رهي ته اسرائيل جي آبادي جو ويهه سيڪڙو عربن تي مشتمل آهي. هن بل پاس ٿيڻ بعد اسرائيل ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٻه مهينا اڳ اسرائيل ۾ آزادي جو ستر سالا جشن ملهايو ويو، جنهن ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو ويو هو ته هن ملڪ اندر هر ڪنهن کي برابري جا حق ملندا ۽ ڪنهن کي به مذهب، جنس يا قوميت جي بنياد تي گهٽ نه سمجهيو ويندو. اڄ نيتن ياهو انهن لفظن کان ڦري ويو آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو