مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگيءَ کان قوم کي آگاهه ڪندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کان اڄ قوم کي آگاهه ڪندو. 100 ڏينهن جي ڪارڪردگيءَ تي ڳالهائڻ لاءِ خصوصي تقريب ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندي. وزيراعظم عمران خان تقريب جو مهمان خصوصي هوندو. وزيراعظم تقريب ۾ معيشيت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن ۽ 50 لک گهرن جي تعمير جي منصوبي جي باري ۾ ٻڌائيندو. ان کانسواءِ تعليمي سڌارن، احتساب ۽ لٽيل دولت کي واپس آڻڻ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪندو. ياد رهي ته حڪومت جو 100 ڏينهن جو پلان 6 نقطن تي ٻڌل هو، جنهن ۾ حڪمراني جي انداز ۾ تبديلي وفاق جي مضبوطي، اقتصادي ترقي جي بحالي، زراعت جي ترقي ۽ پاڻي جو تحفظ سماجي خدمتن ۾ انقلاب ۽ قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ شامل آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو