مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم جي آءِ ايم يف جي اڳواڻ سان ملاقات

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دبئي ۾ ٿيندڙ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لوگارٽ وچ ۾ ملاقات ٿي. هن ملاقات دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ خزاني وارو وزير اسد عمر به موجود رهيو. هن دوران معاشي صورتحال ۽ بيل آئوٽ پئڪيج تي ڳالهه ڪئي وئي. آءِ ايم ايف هن ملاقات بابت هڪ اعلاميو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو آهي ته وزيراعظم سان تعميري ۽ پاڪستان جي خوشحالي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ امدادي پروگرام تي هلندڙ بحث جي حوالي سان پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ بحالي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪرسٽينا لوگارٽ چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي مالي امداد ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر ان کان پهريان پاڪستان کي پنهنجي اقتصادي حالت جي بحالي ۽ ان کي سڌارڻ لاءِ بهتر پئڪيج متعارف ڪرائڻو پوندو. پاڪستان جي نئين حڪومت کي غريب عوام جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ساڳئي وقت گورننس کي بهتر بنائڻو پوندو جنهن سان عوام جو معيار زندگي بهتر ٿي سگهي ٿو. ملاقات بعد وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ذريعي چيو ته آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات ۾ پاڪستان کي ترقي وٺرائڻ بابت بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ تي ٻنهي طرفان ڀرپور اتفاق ڪيو ويو ۽ اهڙا قدم پاڪستان ۾ ترقي لاءِ نهايت اهم آهن. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به هڪ ٽوئيٽ ذريعي چيو آهي ته وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم جي آءِ ايم ايف جي اڳواڻ سان ڏاڍي سٺي ملاقات رهي. ان ڳالهه جي خوشي آهي ته اسان جي ۽ آءِ ايم ايف جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. اسان جو آءِ ايم ايف سان بنيادي نقطن تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. اسان هاڻي آءِ ايم ايف سان ملي ڪري هڪ پروگرام جوڙينداسين جنهن ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو ۽ جلد ئي ان جا ٽيڪنيڪل تفصيل منظر تي آندا ويندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو